اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ملڪن جي نوجوانن جي خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ افهام ۽ تفهيم کي وڌائڻ، ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عملي ۽ دوستاڻي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تائيڪوناٽس آف شنزو 15 جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان مُوجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني شنگهائي تعاون تنظيم جي فرينڊشپ ۽ تعاون ڪ??يشن (جي اين ايف سي سي)، چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي، آل چائنا يوٿ فيڊريشن، چائنا سونگ چنگ لنگ فائونڊيشن ۽ ايس سي او يوٿ ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ جي تقريب ??ي گڏيل ميزباني ڪئي. تقريب ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين شاهد محمود بيگ، انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ ڊپلوميٽڪ اسٽڊيز جي باني آصف فرحت، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي اسلام آباد جي ميمبرن ۽ مختلف اسڪولن جي پاڪستاني شاگردن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز جي اٺين ڪ??اس جي شاگردياڻي عليزه جميل چيني خلاباز کان خلا ۾ ساهه کڻڻ جو طريقو پڇيو ته خلاباز ان جو جامع طريقي سان جواب ڏنو. تائيڪوناٽس آف شنزو 15 يونٽ نوجوانن جي افق کي ??سي?? ڪ??ڻ ۽ پراسرار ۽ متنوع ڪائنات جي ڳولا بابت انهن جي خوابن کي روشن ڪرڻ جي لاءِ اهم آه??. نوجوان پاڪ چين دوستي جا نوجوان سفير ۽ ٻنهي ملڪن جي اميد آه??، اهو رشتو نسل درنسل منتقل ٿيڻ گهرجي. هلندڙ سال بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پراجيڪٽ ۽ سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه آه?? ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ان جو هڪ اهم حصو آه?? ۽ يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ڪ??تريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آه?? جن ۾ پاڪستان دوائن جي ٻجن جو چيني خلائي اسٽيشن تان تجربن کانپوءِ واپسي پڻ شامل آه??. چين جي ترقي ۽ چيني جديديت پاڪستان ۽ دنيا جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪندي.