اسلام آباد-11 مئ?? (اي پي پي) قومي ??سيمبلي ۾ آئين ??ي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ کان آئين ??ي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن پڻ خطاب ڪي??. قومي ??سيمبلي هال ۾ پڄاڻي واري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو. ان پڄاڻي واري سيشن ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف درجن جي تعليمي ??دارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آزادين ??و ضامن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خطاب تي ايوان کان خوب داد وصول ڪي??. سڀ کان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين ??لڪلياتي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول لاهور جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪي??. پڄاڻي واري سيشن ۾ محي الدين ??سلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي شاگرد شاگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي شاگرد سيد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪي??.