اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاليمار رڪا??ڊن?? اي??ڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني کي سيڪيورٽي ڪمپني جي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف شاليمار رڪا??ڊن?? ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب شاليمار رڪا??ڊن?? سيڪيورٽي خدمتن جي عيوض هڪ ڪمپني کي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون هيون، شاليمار رڪا??ڊن?? مالي بحران جي ڪري رقم ادا ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪئي هئي. صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري سال جي اندر ماهوار قسطن ۾ رهتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن ضروري هجي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري 6 مهينن جي اندر مجاز فورم کان منظوري وٺي. وفاقي محتسب ڪمپني کي خدمتن جي مد ۾ 10320800 رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، شاليمار رڪا??ڊن?? ڪمپني مالي مسئلن جي ڪري قسطن ۾ به رقم ادا ڪرڻ کان عاجز?? جو اظهار ??يو جنهن تي سيڪيورٽي ڪمپني وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. فيصلي کانپوءِ شاليمار رڪا??ڊن?? صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر چيو ته شاليمار ??مپني عجيب موقف اختيار ??يو ته اها ”ايجنسي“ جي زمري ۾ نه ٿي اچي. صدر چيو ته وزارت، ڊويزن يا ڪا قانوني ڪارپوريشن يا حڪومت جي انتظام هيٺ يا قائم ڪيل ادارو ايجنسي جي تعريف ۾ اچي ٿو، شاليمار براڊ ڪاسٽنگ هڪ پبلڪ سيڪٽر ڪمپني آهي جيڪا ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت قائم ٿي. صدر چيو ته شاليمار ??مپني رولز آف بزنس تحت انتظامي طور ??ي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذريعي ڪنٽرول ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪمپني پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جنهن جو هن اعتراف ڪيو، ڪمپني رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ??يو جيڪو بدانتظامي جي برابر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي محتسب جو فيصلو معقول ۽ منطقي آهي، شاليمار ??مپني پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪجهه به پيش نه ڪري سگهي آهي. صدر چيو ته بدانتظامي ثابت ٿي تنهن ڪري شاليمار رڪا??ڊن?? اي??ڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني محتسب جي حڪم موجب رهتون ادا ڪري.