اس??ام آباد- 08 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو رهي. جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي موجب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن س??ب رسد ۾ رنڊڪ، عالمي سطح تي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو، بجلي ۽ تيل جي ٽيرف ۾ سڌارن س??ب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ايران ۾ مهانگائي جي شرح فيبروري 2023ع ۾ 53.4 سيڪڙو، ترڪيه ۾ اپريل دوران مهانگائ?? 43.7 سيڪڙو، مصر ۾ مارچ دوران 32.7 سيڪڙو ۽ ارجنٽائن ۾ مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 104 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي موجب کاڌي پيتي جي شين/ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت انتظامي سطح تي قدم کڻي ر??ي آهي، انتظامي قدمن س??ن گڏوگڏ حڪومت پاليسي سڌارن ۽ عوام کي ر??يف ڏيڻ لاءِ به قدم کڻي ر??ي آهي.