تورغر – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته جيڪو وقت گذري ويو ان تي ماتم ڪرڻ بدران ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ج?? لاءِ سياسي قيادت ۽ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ترقي جو جيڪو سفر 2013ع ۾ شروع ٿي 2017ع ۾ ختم ٿي ويو هو، ان کي ٻيهر بحال ڪرڻو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر کانسواءِ علائقي جي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم علائقي ۾ دانش اسڪول، ٻن ڪاليج قائم ڪرڻ ۽ ڪالا ڍاڪا ۾ بجلي جي فراهمي جي منصوبن جو اعلان ڪيو. وزيراعظم تورغر جي عوام جي ابن ڏاڏن جي پاڪستان جي قيام ۽ تربيلا ڊيم ج?? لاءِ پنهنجي زمينن جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته انهن قربانين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي اولاد سان مخاطب ٿيڻ تي خوشي آه??. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه پاڪستان جو خوبصورت صوبو آه??، جنهن کي الله تعاليٰ خوبصورت جبلن، دريائن ۽ وسيلن سان نوازيو آه?? ۽ هتان جي عوام محنت ۽ بهادر آه??، جيڪڏهن گذريل دورن ۾ علائقي جي ترق?? لاءِ ڪم ڪيو وڃي ها ته هي خوبصورت خطو ۽ پاڪستان عالمي دنيا ۾ ترقي يافته شمار ٿئي ها پر سواءِ نواز شريف جي سنهري دور يا ٻين مختصر دورن جي انهن بزرگن ۽ شهيدن ج?? لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو جن پاڪستان ج?? لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون. ان بدران سفارش، پنهنجا نوازي ۽ رشو?? جي بازار گرم ٿي وئي. اڄ اسان جي عظيم بزرگن ۽ شهيدن جا روح قبرن ۾ تڙپي رهيا هوندا ڇو ته هي اهو پاڪستان نه آه?? جنهن ج?? لاءِ انهن پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني. وزيراعظم چيو ته گذريل وقت جو ماتم ڪرڻ بدران مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو. مون کي يقين آه?? ته پاڪستان تمام جلد ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو پر شرط اهو آه?? ته پوري سياسي قيادت ۽ سمورن ادارن جا سربراهه گڏجي مل?? جي تقدير بدلائڻ جو پڪو عزم ڪن ته ڪا شيءَ به مل?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان محنت، امانت ۽ ديانت کي پنهنجو شيوو بڻائي ڇڏيون ته قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي پر پاڪستان قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو آه??. اسان جي عوام هنرمند، محنتي، بهادر ۽ جفاڪش آه??. وزيراعظم چيو ته اسان هڪ خدا، هڪ نبي ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ آه??ون. پوري ملت اسلاميه ۾ قرآن مجيد جي بي حرمتي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر آه??. سوئيڊن ۾ قرآن پا?? جي بي حرمتي تي پوري قوم ڏکويل آه??. ان جي خلاف احتجاج ڪرڻ مسلمان امت جو حق اهي. اسان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو آه?? ته جيئن دنيا کي ان ڪڌي حرڪت تي پنهنجي جذبن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ اهو پيغام ڏئي سگهجي ته اهڙي حرڪت ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي ۽ پوري مُسلمان قوم ان جي خلاف شيهي جي ديوار آه??. وزيراعظم چيو ته پل نه هجڻ جي ڪري تورغر جي عوام کي اڍائي سئو ڪلوميٽر جو اضافي سفر ڪرڻو پوي ٿو. گذريل سالن ۾ اها پل بڻجي وڃڻ گهرجي ها. هن هدايت ڪئي ته ڏينهن رات محنت ڪم ڪري ٽن سالن بدران هڪ سال ۾ ان پل جي تعمير مڪمل ڪئي وڃي. هن چيو ته منهنجو پنجاب ۾ گهٽ کان گهٽ مدي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ آه??. انشاءَ الله هي پل به هڪ سال ۾ ٺهندي ۽ الله موقعو ڏنو ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ ئي هن پل جو افتتاح ٿيندو. وزيراعظم علائقي ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ چيو ته ان اسڪول جي قيام سان علائقي جي غريب ۽ يتيم ٻارن کي بهترين تعليمي سهولتون ملنديون. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آه?? ته اتحاد ۽ اتفاق سان مڪي ترقي ج?? لاءِ محب وطن سياسي قيادت ۽ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن نه ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندي. 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) ترقي ۽ تعمير جو جيڪو سفر شروع ڪيو هو اهو 2017ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ گذريل حڪوم?? جي دور ۾ پاڪستان تباهي جي ڪناري تي اچي بيٺو. پاڪستان کي معاشي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ج?? لاءِ مجبوري ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ورتو ڇو ته اندر ۽ ٻاهر ويٺل دشمن مل?? جي ڏيوالپڻو ٿيڻ جون بددعائون ڪري رهيا هئا. هن چين، سعودي عرب، يو اي اي، قطر سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا جن مشڪل ترين وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. وزيراعظم مل?? جي عسڪري قياد?? جي معاونت کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته هڪ جان ۽ ٻه دل ٿي اڳتي وڌنداسين ته ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. وزيراعظم انجنيئر امير مقام (ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي مطالبي تي علائقي ۾ 4 ڪاليجز قائم ڪرڻ ۽ ڪالا ڍاڪا ۾ بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي منظوري جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن محمد صفدر پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.