اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو ا??تتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي منصوبن جو ا??تتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير م??دق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو ا??گ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو ا??تتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي ر??ڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.