اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته معذور ماڻهن کي معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ 10 کان 12 سيڪڙو اهڙا ماڻهو معذ??ري جو شڪار آهن، ذهني معذ??ري کان علاوه ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم، جسماني معذ??ري جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي، جنهن جو قانوني طور ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، ا??ڙن ماڻهن لاءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ملازمتن ۾ مو??عا فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي، ته جيئن اهڙا ماڻهو خودڪفيل ٿي سگهن. اهڙو اظهار صدر مملڪت عارف علوي معذور ۽ خصوصي ماڻهن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو. صدر مملڪت چيو ته هڪ محتاط اندازي مطابق پاڪستان ۾ تقريبن 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو معذ??ري جو شڪار آهن. حڪومتي سطح تي طئي ڪيو ويو آهي ته ذهني معذ??ري کان علاوه معذ??ري جو شڪار ٻارن کي داخلا عام اسڪولن ۾ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن ۾ چئن قسمن جون معذوريون هونديون آهن، جن ۾ ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه ۽ جسماني معذ??ري شامل آهن. هن چيو ته قانوني لحاظ کان ذهني معذ??ري کان علاوه ٻين معذورن جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪو به ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. صدر مملڪت چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضر??ري آهي ته اهڙن ٻارن لاءِ ڌار اسڪولن بدران عام اسڪولن م داخل ٿين. ان کان علاوه ملازمتن جي لحاظ کان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي. جنهن تحت ضر??ري آهي ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ 3 کان 5 سيڪڙو روزگار جا مو??عا معذور ماڻهن کي فراهم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کين اهڙيون م??ازمتون فراهم ڪرڻ گهرجن جن سان انهن جي مهارتن کي بهتر ڪري سگهجي ۽ ان حوالي سان نيشنل ووڪيشنمل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۽ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) معذور ماڻهن لاءِ تربيت جا بندوبست ڪري رهيا آهن، ا?? ڳالهه لاءِ ڪوشان آهن ته 140 شعبن ۾ انهن جي مهارتن کي نکاري سگهجي ته جيئن اهي روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته ان حوالي سان روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ پڻ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي ته جيئن ان ڳالهه جو تعين ٿي سگهي ته ڪهڙي قسم جو روزگار فراهم ڪيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته يونيورسٽين ۾ مفت تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي، ڪرائين ۾ رعائت جي سهولت پڻ فراهم ڪري رهي آهي. صدر مملڪت چيو ته انهن سهولتن لاءِ معذ??ري جو شڪار ماڻهن کي نادرا کان سرٽيفڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ جي حاصلات لازمي آهي. نادرا 9 کان 18 سالن جي عمر تائين هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿي جنهن ۾ وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته سرٽيفڪيٽ رکندڙ شخص ڪيتري حد تائين معذ??ري ۽ ڪهڙي معذ??ري جو شڪار آهي. 18 سالن جي عمر کان پوءِ مستقل شناختي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو. صدر مملڪت چيو ته هن عمل کان پوءِ خصوصي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ بئنڪن مان قرضن جي حاصلات پبلڪ سيڪٽر ۾ سهولتن جي فراهمي جا رستا کلندا. صدر مملڪت ڪاروباري ماڻهن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته اهي قانون تي عمل پيرا ٿيندي معذ??ري جي شڪار ماڻهن لاءِ روزگار جا مو??عا پيدا ڪن، عوامي ماحول ۾ انهن جي آجيان ڪندي کين سهولتون فراهم ڪن. عمارتن ۽ روڊن تي خصوصي ماڻهن لاءِ رم بڻايا وڃن ته جيئن معاشري جي اهم ماڻهو طور خود ڪفيل ٿي سگهن.