اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 13 اتحادي پارٽين گڏجي ڪاميابي سان حڪومت ڪئي، حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيان، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جي حڪمت عملي آهي، ايندڙ حڪومت کي نيڪ نيتي سان ان تي عمل ڪرڻو پوندو. پي ٽي وي ورلڊ کي انٽرويو ڏيندي هن چ??و ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙا چئلينجز ماضي ۾ ڪڏهن به سامهون نه رهيا، مهانگائي، معاشي خراب حالت، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، ر??انگي واپار، ٻاهرئين ملڪن سان لاڳاپن جهڙا گهڻ رخا چئلينجز درپيش هئا، انهن مسئلن جي گهرائي کي سمجهڻ ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ وڏو چئلينج هو. هن چ??و ته 13 پارٽين اتحادي حڪومت سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون مون کي انهن پارٽين چونڊيو ۽ اهم ذميواري ڏني. مشل صورتحال ۾ اتحادي پارٽين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ ڪاميابي سان حڪومت هلائي. هن چ??و ته عاوم جي خدمت تي يقين رکون ٿا. اهو اطمينان جوڳو آهي ته صورتحال ۾ تيزي سان بهتري آئي آهي. هن چ??و ته منصوبابندي ۽ ويزن سان گڏوگڏ ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪرڻ اهميت رکندڙ آهي. ڀرپور محنت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان جو بهترين مثال آءِ ايم ايف سان معاهدو آهي، اسان همت نه هاري. هن چ??و ته حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيون، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جو منصوبو آهي جيڪڏهن اسان ان تي هول آف دي گورنمينٽ جي سوچ سان عمل ڪيو جنهن ۾ حڪومت، پاڪ فوج، بيوروڪريسي ۽ ماهر شامل هجن، ان جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون ويون ته جلد مل??ي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندي، ان جي لاءِ ڀرپور محنت ۽ قربانين جي ضرورت آهي، مون کي ام??د آهي ته ائين ئي ٿيندو. وزيراعظم چ??و ته اسان ام?? چاهيون ٿا، ڀارت سان تڪرار حل ڪري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن ڀارت مثبت ردعمل جو مظاهرو نه ٿو ڪري ته ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، تاريخ فيص??و ڪندي ته ڪير حق تي بيٺل آهي.