اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي پاران ڪشميري انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن خرم پرويز ۽ ??رف??ن معراج جي گرفتاري ۽ انهن تي هنيل الزامن تي سخت ڳڻتي تي ٻڌل خط ڀارتي حڪومت کي موڪليو ويو آهي جيڪو ڀارت ??ي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي عملدارن تي هڪ ٻيو فرد جرم آهي ڇو ته انهن ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن کي خاموش ۽ هراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، ڀارت خرم پرويز ۽ ??رف??ن معراج سميت ٻين ڪارڪنن جي بنا جواز ۽ غيرقانوني نظربندي ختم ڪري. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته محمد سائرس سجاد قاضي اسد مجيد خان جي جڳهه تي پرڏيهي سيڪريٽري جون ذميواريون سنڀالي ورتيون، هو پاڪستان جو 32 هون پرڏيهي سيڪريٽري هوندو، هوگهڻ رخي سف??رت??اري جو وسيع تجربو رکي ٿو، هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جنيوا ۾ 1995ع کا?? 1999ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون، هو 2005ع کا?? 2006ع تائين نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر، واشنگٽن ڊي سي ۾ 2006ع کا?? 2013ع تائين جڏهن ته 2015ع کا?? 2017ع تائين هنگري ۽ 2017ع کا?? 2022ع تائين ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. ترجمان چيو ته اسان ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي خدمتن ۽ سف??رت??اري تي سندس دل سان ٿورا مڃون ٿا، سندس قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ڏکئي عالمي چئلينجن کي منهن ڏنو ۽ پاڪستان جي عالمي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، پاڪستان جي فارن سروس جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ سندس ڪوششن کي ياد رکيو ويندو جيڪي قوم جي لاءِ پائيدار ثمر رکن ٿيون، ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ مستقبل ۾ ان جي لاءِ نيڪ خواهش رکون ٿا. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن بابت خصوصي ايلچي پاران ڀارتي حڪومت کي خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪنن خرم پرويز ۽ ??رف??ن معراج ??ي غيرقانوني حراست، الزامن ۽ نظربندي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. خط تي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت خصوصي ايلچي جون صحيحون آهن، خرم پرويز ڄمون ۽ ڪشمير ڪوليشن آف سول سوسائٽي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر آهي جڏهن ته ??رف??ن معراج ان سوسائٽي جو ريسرچر آهي، نئين دهلي جي روهني جيل ۾ نظربند آهي، گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته انهن جون گرفتاريون ۽ نظربندي انهن جي انساني حقن جي ڪم ۾ غيرقانوني رڪاوٽ ۽ ڀارت ??ي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض عملدارن تي هڪ ٻيو فرد جرم آهي ڇو ته اها ڪشميري انساني حقن جي محافظن کي خاموش ۽ حراسان ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو خرم پرويز ۽ ??رف??ن معراج ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪشميري ڪارڪنن جي بنا جواز ۽ غيرقانوني نظربندي ختم ڪري جيڪي ڀارتي ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ تي جيلن ۾ قيد آهن.