اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته هن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تب??هي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسرائيلي قبضي جي حامين کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غزه جي ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جي مهم هلائڻ ۾ اسرائيلي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنه?? ۾ ??ڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ?? ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان تي زور ڏنو ??و ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.