تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، هو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات، اي سي ??و جي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم آ??ربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪند?? جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم اي سي ??و جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزيراعظم اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم جي اڄ ازبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي ??زا?? تي حاضري ڀريندو.