اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان يونيسيف جي نامزد ٻارن ??ي وفد ٻارن ??ي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ملاقات ڪئي. ٻارن ??و وفد چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن ??ي نمائندگي ڪري رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي پهرين يوٿ ايڊووڪيٽ 16 سالا تقويٰ احمد ڪئي. ٻارن ??ي وفد مستقبل جي لاءِ پنهنجي اميدن بابت صدر کي ٻڌايو. ملاقات ۾ وفد ٻارن کي درپيش مختلف مسئلن ۽ چئلينجن تي به روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ٻارن ??ي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻارن کي تعليم، هنر ۽ تربيت س??ن ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. خصوصي ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ جامع تعليم ف??اهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ٻارن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻو پوندو. خصوصي ٻارن کي مهارتن س??ن ليس ڪرڻ سان انهن کي روزگار کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻارن ??در کان موسمياتي تبديلين، ڇوڪرين جي تعليم، خصوصي ٻارن ۽ انهن کي درپيش ٻين چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا. ملاقات ۾ ٻارن ??در کي پنهنجي تجربن بابت ٻڌايو. ٻارن ??ندگي ۾ وڌڻ ويجهڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ ٻارن ??ئنڪنگ سيڪٽر بابت هڪ ڪيس ۾ صدر پاران ڪيل ٻڌڻي ۾ به شرڪت ڪئي.