اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي فضائي فوجن وچ ?? گڏيل فضائي مشقن ذريعي سهڪار ۽ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن پاڪ فضائيه ۽ آمريڪي فضائيه وچ ?? تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فني صلاحيتن ۽ وفدن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه طرفان تازو ئي قائم ڪيل ٽيڪنو پارڪس ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تيارين ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني ترقي کي ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏئي گڏيل منصوبن ۽ شراڪتداريءَ لاءِ گڏيل سهڪار جي دائره ڪار جي نئين سر تنظيم ۽ ان مقصد لاءِ ني??ن راهون استوا?? ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايئر چيف پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ?? پهريان کان موجود خوشگوار لاڳاپن جو احاطو ڪندي ٻنهي اتحادي ملڪن وچ ?? پهريان کان موجود هم آهنگي ۽ شراڪتداريءَ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪيو. هوائي فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت سڀني اهم معاملن ۾ گڏيل اتفاق راءِ تي قائم آهن. آمريڪي سفير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشوراڻي مهارتن جي تعريف ڪئي ۽ـ موجوده عسڪري قيادت جي سائي ۾ پاڪ فضائيه طرفان پاڻڀرو ٿي ميدان ۾ ڪيل نمايان اڳڀرائين کي ساراهيو. آمريڪي سفير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم جي به تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تربيتي شعبي جي بهتري ۽ـ آپريشنل صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ?? موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ آمريڪي سفير وچ ?? اها ملاقات پُراڻي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ دفاعي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ٻ??هي پاسن جي عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.