ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ ??مر??ڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي س??راهيو آهي ۽ ڪاروباري س??گرمين جي فروغ لاءِ خصوصي ??يڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي ??ي ڪارگل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ ??مر??ڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي س??راهيو. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي خصوصي ??يڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ قدمن خاص طور تي خصوصي ??يڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زرعي شعبي ۾ جدت جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن کي س??راهيو.