راولپنڊي-18 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ا??س پي آر) ايران جي حدن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ واري ??پر??شن مرگ بر، سرمچار جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ هاڻوڪن دهشتگرد حملن ۾ ملوث دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرونز، راڪيٽن، ??ار??دي سرنگهن ۽ اسٽينڊ آف هٿيارن کي استعمال ڪيو ويو. ضمني نقصانن کان بچڻ لاءِ وڌ کان وڌ احتياط ڪيو ويو. آءِ ا??س پي آر طرفان جاري بيان موجب 18 جنوري 2024ع جي صبح پاڪستان ايران جي اندر ٺڪاڻن تي موثر حملا ڪيا، جيڪي پاڪستان تي حملو ??ند?? دهشتگردن جي استعمال ۾ هئا. بيان ۾ چيو ويو ته بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ نالي دهشتگرد تنظيمن جي استعمال هيٺ ٺڪاڻن کي انٽيلي جنس تي ٻڌل ??پر??شن ۾ ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، ان ??پر??شن جو ڪوڊ نالو مرگ بر، سرمچار آهي. نشانو بڻايل ٺڪاڻا بدنام زمانه دهشتگرد استعمال ڪري رهيا هئا جن ۾ دوست عرف چيئرمين، بجر عرف سوغت، ساحل عرف شفيق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وزي شامل آهن. آءِ ا??س پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي ڪاررواين خلاف پاڪستاني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت تياري جي حالت ۾ آهي. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ۽ ڪنهن به مهم جوئي خلاف تح??ظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جو عزم اڻٽر آهي. عوام جي مدد سان پاڪستان جي سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان جي پاڙيسري ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ۽ تعاون کي دانشمنداڻو سمجهيو ويندو آهي.