اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪندي سلامتي، علائقائي استحڪام، واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ گڏيل مقصدن جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود مضبوط اداراجاتي مڪينزم کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ۽ گڏيل تعاون تي ٻ??ل موقف اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين تسليم ڪيو آهي ته ويجها ٻطرفا لاڳاپا نه رڳو ٻنهي ملڪن جي ع??ام جي گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهن پر خطي جي استحڪام جو هڪ اهم ذريعو به آهن. هن چيو ته ملاقات دوران ڌرين ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اعليٰ سطحي م??اورتي مڪينزم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهو اعليٰ سطحي مڪينزم ايران ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي م??تلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو مستقل بنيادن تي جائزو وٺندو. نگران پرڏيهي وزير دهشتگردي جي حوالي سان هڪ ٻئي جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين رابطا آفيسر مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهي رابطا آفيسر تربت ۽ زاهدان ۾ مقرر ڪيا ويندا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ايراني پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گهري عزم جو ثبوت آهي. ملاقات دوران هن چيو ته علائقائي سالميت جو احترام ٻطرفي تعاون جو بنيادي اصول آهي. هن چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي سرحدي ع??ائقن جي اقتصادي ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، اسان 5 باقي رهيل سرحدي م??رڪيٽن کي تيزي سان فعال بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ۽ اهي سرحدي م??رڪيٽون جلد ڪم شروع ڪري ڇڏينديون. ان موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عظيم جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي قدر موجود آهن، جيڪڏهن اسان پاڪستان ۽ ايران جي تاريخ تي نظر وجهون ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن به علائقائي اختلافن يا سرحدي م??ئلن جو ڪو واقعو پيش نه آيو جيڪو دوستاڻي ٻطرفن لاڳاپن جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ايران پاڪستان کي پنهنجو ڀائر، پاڙيسري ۽ دوست ملڪ سمجهي ٿو، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ع??ائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪن ٿا. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ دهشتگردن کي سرحدي ع??ائقن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندا. اسان سمورن دهشتگردن کي واضح لفظن ۾ ٻڌائينداسين ته اسان (ايران ۽ پاڪستان) انهن کي پنهنجي گڏيل سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو ڪو موقعو فراهم نه ڪندا. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحدي ع??ائقن ۾ موجود دهشتگردن کي ٽئين ملڪ جي حمايت حاصل آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي وفدن گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته سرحدي سلامتي، دهشتگردي جي خلاف جنگ، واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ، سرحدي م??رڪيٽن جي توسيع ۽ آزاد واپاري زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان جلد کان جلد وڌيڪ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ٻنهي ڌرين مذهبي سياحت ۽ توانائي جي تعاون جي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. فلسطين مسئلي جي حوالي سان ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير فلسطين جي ع??ام جي لاءِ حمايت تي پاڪستان جي موقف کي ساراهيو. هن فلسطيني ع??ام ۽ فلسطيني م??احمت جي حمايت جاري رکڻ جي ايران جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ عام چونڊن جي م??فوظ ۽ ڪامياب انعقاد جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تازن واقعن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گهري ۽ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن جي ڪري ٻئي ڌريون غلط فهمين کي جلد ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو عام چونڊن کانپوءِ ڪن??ن به وقت ٿي سگهي ٿو.