اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرت??يٰ سولنگي چي?? آهي ته نگران حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي سنجيدگي سان ڏ??ي ٿي، ان حوالي سان جوڙيل ٺوس سف??رشون ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي قائم ڪيل ڪميشن، ڪميٽي جي راءِ، اعليٰ عدالتن جي رهنمائي، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي راءِ جي ڏس ۾ نگران حڪومت ڊگهي غور فڪر کانپوءِ ٺوس سف??رشون جوڙيون آهن جن کي ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.