اسلام آباد -08 ??يبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪمي??ن آف پاڪستان جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ سخت حفاظتي انتظامن سان گڏ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته تشدد ۽ ڌانڌلي جو ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، چونڊ عمل پرامن طور منعقد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پولنگ ا??ٽيشنز تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته پولنگ ا??ٽيشنز تي عوام جو ٽرن آئون تسلي بخش رهيو. اليڪشن ڪمي??ن آف پاڪستان شڪايتون داخل رڪڻ لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي آهي. عوام هيلپ لائين تي ڪال ڪري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ووٽرز 8300 تي ايس ايم ايس ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ووٽ ۽ پولنگ ا??ٽيشنز جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 90 هزار 675 پولنگ ا??ٽيشنز قائم ڪيون آهن.