ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي، هي مختلف زبانن ۾ خبرون ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پي بي سي جي ڪراچي آفيس جي دوري جي ??وقعي تي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ريڊيو پاڪستان جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ ??نه?? جي حل جي ??اءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪومت ??نه?? ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ريڊيو پاڪستان تي بجلي جي ??وٽيلٽي بلن جو بار به بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي ??ينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي ??نه?? جي ??ينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري سيڪريٽري ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي ??اءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ريڊيو جي ??رانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي ??شريات کي سينٽرلائز ڪرڻ جي ??اءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ اپ قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ تنظيمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ??لڪيتن کي اداري جي بهت??ي ۽ ملازمن جي ڀلائي جي ??اءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي بيورو آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيورو آفيس جي ??ختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ بيورو چيف اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي بيورو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پي بي سي، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ اطلاعات واري سيڪريٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پي بيورو آفيس جي ??ختلف سيڪشنز، اي بي سي، ريديو پاڪستان ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن اطلاعات واري سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري سيڪريٽري جو پي بي سي بلڊنگ اچڻ تي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ??ين سينيئر آفيسرن شاندار استقبال ڪيو.