اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ موجوده قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ، منص??بن جي تڪميل کي تيز تر ڪر?? ۽ توانائي پاليسي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ وف??قي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا جي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”توانائي ب??بت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او اي)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ جاري ۽ منصوبابندي جي مرحلي ۾ موجود توانائي منصوبن، خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت ايندڙ منص??بن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ، توانائي شعبي ب??بت موجوده قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ، ان ۾ موجود خامين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪر??، سڌاراجاتي قدمن جي تجويز پيش ڪر??، منص??بن جي تيز رفتار تڪميل ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪر?? ۽ انهن کي ختم ڪر??، موجوده توانائي پاليسي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي ڪمزورين کي ختم ڪر??، توانائي جي بچت جي حوالي سان پاليسين/ منص??بن کي جوڙڻ ۽ انهن جي باقاعده نگراني ڪر??، ضرورت موجب، پر گهٽ ۾ گهٽ هر ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو بين الوزارتي رابطاڪاري ڪر??، پاليسي/ انتظامي قدمن جي ذريعي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جو مناسب ذخيرو يقيني بڻائڻ، موثر توانائي مارڪيٽن جي جوڙجڪ ڪر?? ۽ توانائي شعبي ۾ چوري جي نقصانن کي گهٽ ڪر?? ۽ فائدو صارفين تائين پهچائڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ هوندو جڏهن ته سندس غيرموجودگي ۾ ان ڪميٽي کي پيٽروليم وارو وزير چيئر ڪندو. ڪميٽي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وف??قي وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وف??قي وزير، بجلي وارو وف??قي وزير، پيٽروليم وارو وف??قي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز، اوگرا ۽ نيپرا چيئرمين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.