اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي، مهانگائي ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آهي جيڪا خوش آئنده آهي، آءِ ايم ايف پروگرام معيشت جي بحالي جي ل??ءِ لازمي آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان ماهرن جي مقرري هن ئي مهيني ٿي ويندي، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي. معاشي انگن اکرن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آهي جيڪا خوش آئنده آهي. سندس چوڻ هو ته غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام معيشت جي بحالي ل??ءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان ماهرن جي مقرري هن ئي مهيني ٿي ويندي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري جي حوالي سان ٽائيم لائينز تي هر صورت ۾ عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي ل??ءِ حڪ??ت عملي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم داسو ۾ چيني انجنيئرز ۽ ماهرن سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا ناڻي واري ڊويزن پاران پيش ڪيل فسڪل پاليسي اسٽيٽ سال 23 – 2022ع، ڊيبلٽ پاليسي اسٽيٽمنٽ مالي سال 23 – 2022ع ۽ ايئر ??ينڊ گورنمينٽ پرفارمنس مانيٽرنگ رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا مٿي ڄاڻايل اسٽيٽمنٽس/ رپورٽ کي مروجه قانونن تحت قومي اسيمبلي آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي سفارش تي اڳوڻي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي سعودي عرب حڪ??مت ۽ ملائيشيا جي حڪ??مت پاران علي الترتيب ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل بيج آف آنرر آف ايڪسيلنٽ ڪلاس“ ۽ ”درجه جي پهلونان انگاٽن تينتره“ وصول ڪرڻ جي اجازت ??ئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري ڊويزن جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين بابت نيشنل ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي چائلڊ ويلفيئر ??ينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائين آف ايڪشن فار چلڊرن جيڪي انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسون آهن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ادارن جا اهي سمورا ملازم جيڪي سول سرونٽس آهن انهن کي پاڪستان جي سرپلس پول ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف ??ائلڊ ايڪٽ 2017ع تحت نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس اف چائلڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي جنهن جي موجودگي ۾ هي ادارا غيرضروري ٿي چڪا آهن ڇو ته انهن ادارن بابت سمورو ڪم ان ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي. حڪ??مت ڪفايت شعاري جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي انهن ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.