اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ڀائر ??لڪ?? جي گڏيل فائدي جي ??اءِ مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي ??چ ۾ ملاقات ۾ ٿي. سعودي پرڏيهي وزير ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب سعودي وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا اعليٰ عملدار شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آ??ن ۽ پاڪستان موجوده لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري تزويراتي ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جو انتهائي احترام ڪري ٿي ۽ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندي. صدر چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي سان واڳيل آهي. هن سعودي ولي عهد ۽ سعودي عرب جي ??زيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دُورانديش قيادت ۽ ويزن 2030ع تحت ٿيندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجي ??اڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان سان مضبوط حصيداري جي ??اءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ??لڪ?? جي ??چ ۾ مضبوط لاڳاپا آ??ن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي ??دد ڪندا آ??ا آ??ن. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سعودي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي ??اءِ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي حرڪيات ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ??لم بند ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پاران ٻطرفي اهميت جي ??عاملن ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.