بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ مع??ار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جي پڻ تجديد ڪئي جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊور سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو ??ائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پاڪستان ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو ??ڪر ڪندي نائب وزيراعظم چين سان لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پالسي جو ??نگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي ڪري علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو.