اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) بين ??لمذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ قومي سير?? النبي صلي الله عليه وآله وسلم ڪانفرنس جي شروعات ٿي وئي. ڪانفرنس جو موضوع ”رياست جو تعليمي نظام- سير?? النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي روشنيءَ“ ۾ چونڊيو ويو آهي. ڪالهه هتي رٿيل ڪانفرنس ۾ عالم سڳورن کان علاوه پارليامينٽ جي ميمبرن، وزيرن، سفارتي نمائندن سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شڙڪت ڪئي. ان موقعي تي نائب وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ??ان تلاوت ۽ نعت خواني سميت ٻين مقابلن ۾ نمايان پزويشن حاصل ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.