اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) ص??عت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چ??و آهي ته تعميراتي ص??عت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعميراتي ص??عت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي و?? سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اين?? سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تعميراتي ص??عت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.