اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ق??م کي 74 هين يوم آزادي تي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو آهي ته پا??ستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻايو و??ند??، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ م??رڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن کي تاريخي پيڪيج ڏنو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، انشاءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي و??ند??ون، پاور ڪمپنين سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام جي لاءِ سستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پا??ستان ڪشميرين سان گڏ آهي، انهن جي حق جي لاءِ دعاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پا??ستان ٽيلي ويزن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پا??ستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي، اهي پا??ستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني انسانن کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ رياست انهن جي حقن جي ضمانت ڏي، وزيراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي م??زل تي پهچي ساهه پٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پا??ستان جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪنهن ق??م ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.