اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو اچي ويندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي بيان حلفي اچي وي?? آهي، بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ويندو، سڄي ملڪ ۾ اسٽيٽ لينڊ جي ??جي??لائيزيشن جو عمل جاري رهندو، سنڌ حڪومت هر سٺي ڪم جي طرح اسٽيٽ لينڊ جي ??جي??لائيزيشن ۾ به بلڪل تعاون نه ڪري رهي آهي، سروي موجب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 81 هزار 209 مربع ڪلوميٽر زمين جي ??جي??لائيزيشن ٿي چڪي آهي، 8 لک 24 هزار 210 ايڪڙ زمين تي قبض?? آهي، قبضو ٿيل سرڪاري ۽ پرائيويٽ لينڊ جي ماليت 5500 ارب بڻجي ٿي، قيام پاڪستان کانپوءِ عمران خان واحد وزيراعظم آهي جنهن سرڪاري زمين جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪي?? آهي. هو سي ڊي اي بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سرڪاري ۽ پرائيويٽ زمين رڪارڊ جا سڌارا تڪميل جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀ??رو ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ذريعي لينڊ جي ??جي??لائيزيشن سروي آف پاڪستان ڪري رهي?? آهي، ماضي ۾ هڪ مساوي کي اسڪين ڪري چيو ويو ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪ?? آهي، اهو حقيقت جي ابتڙ هو. هن چيو ته لينڊ ??جي??لائيزيشن ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومتن مڪمل تعاون ڪيو جنهن سان 88 سيڪڙو لينڊ جي ??جي??لائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هر بهترين ڪم وانگر ان معاملي ۾ به تعاون نه ڪيو، سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته اسٽيٽ لينڊ جو پتو پوي ته ڪيتري زمين تي قبض?? آهي، پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، چائنه ڪٽنگ، سرڪاري زمين تي ملي ڀڳت سان قبضو ڪرايو ويو، هن ٻڌايو ته ريلوي جي 825 ايڪڙ، سول ايوي ايشن جي 816 ايڪڙ، اويڪيوٽرسٽ ملڪيت جي 117 ارب ۽ اين ايڇ اي جي 52 ارب روپين جي ماليت جي زمين تي قبضي جي نشاندهي ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شميم جو بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس جي ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ۾ ويندو، شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو ايندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي اهو بيان حلفي اچي وي?? آهي.