اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته ڪابينا نواز شريف کي انساني همدردي ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڌرڻي وارا بند گهٽيءَ ۾ پهچي چڪا آهن، سي پيڪ تحت منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو و??ند??، وزيراعظم عمران خان صوبن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ تبديلي جاچڻ جي لاءِ ٺوس طريقيڪار تحت هفتيوار بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معاشي استحڪام کانپوءِ حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڀرپور ڌي??ن ڏئي رهي آهي، حڪومت مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ بدران قابل تجديد توانائي تي ڌي??ن ڏئي رهي آهي، ڪابينا اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏ??ند?? ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جي جاچ جي حوالي سان حڪومت جي ڪردار بابت ميڊيا ذريعي ڪجهه حلقن پاران منفي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي.