اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي ادارا معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن، ماضي وانگر ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين، حڪومت ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ۽ قدم کنيا آهن، ادارن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي خودمختياري ڏني وئي آهي، گذريل 5 مهينن ۾ اقتصادي محاذ تي ??هم ڪاميابي ملي آهي، هلندڙ مهيني ۾ روانگي واپار ?? 10 ??يڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪ??و گهٽتائي ٿي آهي، مالياتي خساري تي ضابطو آند?? ويو، مالياتي خساري تي نه رڳو ضابطو آند?? ويو پر وياج جي ادائيگي کي ڪڍيو وڃي ته اهو سرپلس ۾ اچي وڃي ٿو، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام اچي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪ??و گهٽتائي ٿي آهي.