اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ??اظم الامور انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي ??ختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي ??اڳاپن کي انتهائي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي ??اکاڻ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ??اءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي ??کيڙ کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو روزگار سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلاعات جي ??هچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊجيٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي ??راهمي ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.