اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي ۾ توانائي جي شعبي ۾ مهانگن معاهدن، پهچ ۽ ٽرانسميشن تي ڪم نه ڪرڻ ۽ قابل تجديد توانائي کي متعارف ڪرائڻ ۾ رڪاوٽن جي ڪري ملڪ جي مجموعي گر??شي قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده حڪومت ڪامياب حڪمت عملي سان بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ 23 سيڪڙو فرنس آئل 3 سيڪڙو تي کڻي آئي آهي، جمهوري حڪومت هجڻ جي ناطي عوام آڏو جو??بده آهيون، گرميءَ ۽ سر??ي جي موسم ۾ بجلي جي گهرج ۾ تمام وڏو فرق هوندو آهي پر حڪومت کي پيداواري خرچ ادا ڪرڻا پون ٿا. هو پي??رو??يم واري خاص معاون نديم بابر سان گڏ پي آء?? ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.