اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذهبي عبادت??اه?? ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ننڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي ط??ح مسلمانن لاءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آهي اهڙي ط??ح سکن جي لاءِ اهي ٻه مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.