اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ 4 ڊسمبر تي دعا جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ ??ور??نا وائرس جي وبا جي ٻي لهر کان تحفظ لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون، ??ور??نا وائرس جي وبا جي ٻي لهر تي عالم سڳورن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وبا کان تحفظ جي لاءِ عوام جي آگاهي تي عالم سڳورن اتفاق ڪيو آهي، مسجدن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو، عوام جي آگاهي لاءِ ميڊيا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عالم سڳورن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪجهه وقت جي لاءِ جلسا جلوس ملتوي ڪيا وڃن، عالم سڳورن متفقه طور تي 17 اپريل جي ايس اي او پيز تي عملدرآمد کي ورجايو آهي. ??ور??نا وائرس جي ٻي لهر ۽ ان جي صورتحال بابت مذهبي ??عا??لن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ وزيراعظم جي صحت واري خاص ??عا??ن ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ بريفنگ ۾ ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ور??نا وائرس وبا جي پهرين لهر ۾ اپريل ۾ سراسري 500 مريض هئا، عوام جي احتياطي تدبيرن جي ڪري وبا جي ڦهلاءُ تي ضابطو آندو ويو ۽ 22 جون تي 6400 مري??ن جو ٽيسٽ پازيٽو آيو جيڪو 6500 تائين وڌڻ ??انپوءِ رڪجي ويو.