اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پنهن??ي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ قوم کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماحوليات ??ي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پنهن??ي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آ??ي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سينيٽر فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ماحوليات ??ي حوالي سان يو اين جا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، ??ن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي اڄ پنهن??ي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آ??ي ۽ پنهنجي تصوير حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.