ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئي کين معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنج?? منزل ماڻي وٺندو آهي. چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ ٻارن جي دل جي سرجري جي شروعات ڪري ا??م سنگ ميل عبور ڪيو آهي جنهن لاءِ هتان جي ا??تظاميه ۽ اين جي ا?? مبارڪن جا حقدار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ سرجري يونٽ جي ا??تتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي ا??ن جي ا?? ”تاري زمين پر“ جي سي ا??ي ا?? فاديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪار?? تبديليون ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گذارش ڪيان ٿي ته اهي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.