اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي معدني ترقياتي پروگرام جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ قانوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگرام جوڙيو پ??و وڃي. اجلاس کي ملڪي معدنيات جي ذخيرن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ذخيرا پڻ موجود آهن. سنگ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کان اجلاس کي آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته پکراج، زمرد، روبي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ذخيرا پن وڏي مقدار ۾ موجود آهن. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تي سيڙپڪاري جي لاءِ حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي چئين صوبن کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ذ??يرن بابت آگاهه ڪ??و ويو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي فروغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزيراعظم پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان م??لا??ال آهي ۽ ان مان فائدو کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.