اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف کي صدارتي چونڊن ۾ شاندار فتح تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ت?? منهنجي دوست ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف کي صدارتي چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد هجي، ڀ??ئر ازبڪستان جي عوام پنهنجي قابل قيادت تي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته هو پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.