رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي م??د لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي م??ي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي م??تقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي م??ي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي م??تقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. وزيراعظم افغان عوام جي م??د لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عه?? چيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي م??بوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي م??اورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23