اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجل??س ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احس??س ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاقي حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن جي ثمرن کان محر??م نٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.