اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ڪر??چي ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ق??مي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جي والد ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چ??و ته کيس خاص طور تي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته انهن ڌماڪن ۾ اسان جي ق??مي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جو والد به فوت ٿي ويو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عالمگير خان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.