اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سعودي عرب جا سيڙپڪار فائد?? کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳالهه هن سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سني?? چيئرمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فورغ ۽ س??ور?? شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ ??ميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻول??ه ڪئي وئي، سيني?? چيئرمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگا??ه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سيني?? چيئرمين چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ ??ي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سيني?? چيئرمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سعودي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سيني?? چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيو.