اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اق??صادي رابطا ڪميٽي ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پاڪست??ن جي گلابي لوڻ کي پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن س??ن جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي م??ظو??ي ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز جي لاءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت لي??ر آف ڪريڊٽ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي م??ظو??ي ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اق??صادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.