اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي پهچي ويو ۽ هن پنهنجون ذميداريون سنڀالي ورتيون، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ ٻي?? اعليٰ عملدارن اسپيڪر کي 5 جون تي شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي انتظامن جي حو??لي سان بريفنگ ڏني، اسپيڪر اجلاس جي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن.