اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارا ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ا??س او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئ?? ويندي، سخت انتظامي قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد حفاظتي تدبيرن جي خلا?? ورزي تي سخت ڪارروائي ڪرڻي آهي ته جيئن مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ ۽ صنعت?? شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي، انهن شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ جو خدشو سڀ کان وڌيڪ آهي، سمورن صوبن ۾ عوام کي اهو واضح پيغام پهچايو وڃي ته حڪومت سماجي فاصلن ۽ حفاظتي تدبيرن جي خلا?? ورزي ڪندڙن جي خلاف انتظامي ڪارروايون شروع ڪرڻ وڃي رهي ??هي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ميٽنگ جي منٽس ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪئ?? وئي ته رضاڪاراڻي طور تي حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۽ خلا?? ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، ان ڏس ۾ اين سي سي جي سمورن صوبن کي ڀرپور حمايت حاصل آهي، واپارين کي ا??س او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو ۽ عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئ?? ويندي.