اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نجڪار?? وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واو وفاقي وزير سيد علي زيدي به موجود هئا، وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وسيم اختر، ڪنور نويد، ڪشور زهره، فر??وس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، سيد آفريدي، اشرف قريشي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، عرفان مروت، اياز لطيف پليجو، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا شامل ه??ا. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهند?? سياسي قيادت عوامي خدمت نه ڪئي، هنن صرف پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اقتدار کي استعمال ڪيو.