اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظ?? جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وزيراعظ?? جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي تناسب سان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ان حڪومتي قدم سا?? سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي صوبي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪري سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل ڏين??ن وزيراعظم سنڌ صوبي جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي مر??ز جو دورو ڪيو، انتظامن جو جائزو ورتو ۽ امدادي رق?? جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي