اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) 1973ع ??ي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع ??ي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته 1973ع ??ي آئين جي منطوري جي ياد ۾ هر سال 10 اپريل تي ”قومي آئين جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪي?? ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد پروقرار ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع ??ي آئين جي گولڊن جوبلي جي قرارداد ڪنوينشن ۾ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چي?? وي?? ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي هي ڪنوينشن قرار ڏي ٿ?? ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ رڳو الله تعاليٰ جي آهي ۽ ان جي ڏنل ان اختيار کي پاڪستان جي عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ذريعي الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهي استعمال ڪندي، اه?? ته 10 اپريل 1973ع ??ي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ آئين پاڪستان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان آهي، اه?? ته 1973ع ??و آئين قائداعظم محمد علي جناح ۽ حضرت علامه اقبال سميت پاڪستانين جي بانين جي ڏاهپ جو عڪس آهي ۽ جمهوريت، برابري، آزادي ۽ انصاف جا اصول رکندڙ آهي. قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته 1973ع ??و آئين تنوع ۽ پاڪستان جي اتحاد جو منفرد مظهر آهي ته اهو صوبن جي وحدت ۽ وفاق جي سياسي اتحاد کي يقيني بنائيندي ان جي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿو، 1973ع ??و آئين اصولن جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ، عدليه ۽ انت??ام??ا جي رهنمائي ?? جذبي جو ذريعو آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چي?? ويو آهي ته 1973ع ??ي آئين ۾ گذريل سالن دوران پاڪستان جي عوام جي تبديلي ٿيندڙ ضرورتن ۽ خواهشن کي سهيڙڻ جي لاءِ ترميم ٿيندي رهي آهي ۽ يقيني بڻاي?? ويندو رهي?? ته آئين وقت جي موجب پنهنجي اهميت برقرار رکي. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ان جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته هي ڪنوينشن پاڪستان جي پارليامينٽ تي زور ڏي ٿ?? ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين 1973ع ??ي خوشي ملهائيندي پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن 1973ع ??ي آئين جو بنياد رکيو ۽ انهن سمورين شخصيتن کي به خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن گذريل سالن دوران آئين جي بهتري ۽ ترقي ۾ ڪوششن جي صورت ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. 1973ع ??ي آئين کي پاڪستان جي جمهوريت جو بنياد تصور ڪريون ٿا جيڪو پاڪستان جي انتظام هيٺ سمورن خطن جي سمورن طبقن کي نمائندگي ۽ شرڪت فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ ڏنل جمهوري اصولن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي بالادستي جي وچن جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چي?? ويو آيه ته 1973ع ??ي آئين تي عمدلرآمد، ان جي بالادستي، آئين ۾ ڏنل اصولن، قدرن ۽ مقصدن جي بالادستي ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدليه، انت??ام??ا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار جي تحسين ڪري ٿو، قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع ??ي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي ڪنوينشن 1973ع ??ي آئين جي تياري ۽ منظوري جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ وفاقيت (فيڊرل ازم)، اختيارن جي ٽن رياستي ادارن ۾ ورڇ، عدليه جي آزادي ۽ غيرجانبداري، صوبائي خودمختياري ۽ شهرين جا بنيادي حق لکيل آهن. ڪنوينشن قرارداد ۾ فيڊرل ازم جي اصولن کي بالادست رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي جيڪو دستور جي بنيادي جزن مان آهي، هي ڪنوينشن اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي روح موجب ان جو دفاع، سلامتي ۽ حفاظت جو وچن ڪري ٿو. قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته اسلاميه جمهوريه پاڪستان جي آئين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ۽ ان يقين تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿ?? ته ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجي ان جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انهن کي جذبو ڏياريندو رهندو. قرارداد ۾ چي?? وي?? ته هي ڪنوينشن 10 اپريل 2023ع تي قومي دستور ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ٿو جيڪو هر سال 1973ع ??ي آئين جي منظوري جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ملهايو يوندو. هي ڏينهن پاڪستان جي عوام کي آئين ۽ ملڪ جي لاءِ ان جي اهميت کان آگاهه ڪندو. قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي اهي قرارداد منظور ڪندي اهو وچن ڪري ٿ?? ته پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين جي بالادستي ۽ ان جي اصولن جي پاسداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.